عبداللطيف ثاني ٺٽوي مخدوم

عبداللطيف ثاني ٺٽوي، مخدوم: تيرهين صديءَ جو نامور عالم ۽ بزرگ مخدوم عبداللطيف ثاني، مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي مڏئي واري جو فرزند ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو پڙ پوٽو هو. ‘تڪمله مقالات’ جو مؤلف مير خليل سندس ڏوهٽو هو، جيڪو پنهنجي والد جي روايت کي بنياد بڻائي لکي ٿو ته، “مخدوم عبداللطيف ثاني، تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪئي. پاڻ ۽ سندس فرزند عبدالغفور، فقهي تحريرون لکندا هئا. مخدوم عبداللطيف ثاني، ‘قيوم جهان’ خواجه صفي الله کان سلوڪ ۾ تلقين ورتي ۽ خلافت پنهنجي والد کان حاصل ڪئي. نقشبندي بزرگن جو وڏو معتقد هو. سندس وفات جي تاريخ جي ڪا به خبر نه ٿي پوي. (حوالو: الرحيم، مشاهير سنڌ نمبر)


هن صفحي کي شيئر ڪريو